گُل ورسٽي ۽ سالياني فيس
سنڌ زرعي يونيورسٽي جنهن کي پيار منجهان گل ورسٽي به ڪوٺين. گل ورسٽي جيڪا زراعت جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آھي. هي ورسٽي نه صرف هڪ گورنمينٽ جو ادارو آھي پر سندس احاطي ۾ ريسرچ سينٽرز, سوين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينون, چوپائي مال جا وڏا واڙا, ۽ زرعي سان وابسطا زرعي جيت مار دوائن جون ڪمپنيون به ساڻ هٿ ۾ هٿ ڏي هلن ٿيون جنهن سان ڪيترو ئي پئسو ڪمائي يونيورسٽي پنهنجو خرچ پاڻ ڀري سگهي ٿي. پر افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته گل ورسٽي جي انتظاميه وبا جي اهڙي ڏُکي وقت ۾ شاگردن جي فيس معاف نه ڪري سگهي. تازو ئي يونيورسٽي طرفان هڪ سرڪيولر جاري ٿيو جنهن ۾ شاگردن کي وقت تي فيس پيارڻ جي هدايت ڏنل هئي. فيس جي حوالي سان ڪيترا ئي سوال پيدا ٿين ٿا. پهرين ڳالھ ته ورسٽي کي فيس وٺڻ ئي نه کپي ها. مڃون ٿا ته ادارو خساري ۾ آھي پر انهن خالن کي پُر ڪرڻ جون ٻيون انيڪ ۽ بهتر تجويزون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. هن وبا ۾ غريب طبقي سان واسطو رکندڙ شاگرد ڪٿان پئسا آڻيندا جو ايتريون ڳريون فيسون پيارين؟ توهان کي ٻُڌائيندي هلان ته زرعي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي اڪثريت مڊل ڪلاس فيملي سان واسطو رکي ٿي. منهنجي هڪ همڪلاسي آھي (جنهن جو نالو لکڻ مناسب نٿي سمجهان) جنهن جو والد صاحب درزي جو ڪم ڪري کيس پڙھائي ٿو ۽ اُهي اهڙي ڏُکي وقت ۾ ڪيئن اهڙين ڳرين فيسن کي منهن ڏيندا؟ ڪجھ اهڙا به شاگرد آھن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت پڙھائي جو خرچ ڪن ٿا ته اُھي ڪيئن اھڙي مشڪل گهڙي ۾ پنهنجو ڀرجهلو پاڻ ٿيندا؟ هر غريب خاندان جي گهر جي مالي حالت لاڪڊائون سبب بهتر ناهي. شاگردن جي فيس جو ذريعو سندس والدين آھن جڏھن ته والدين ئي لاڪڊائون سبب گهر آھن ته پوء ڪٿان فيس آڻيندا؟ جڏھن ته پنج مهينن کان يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ جو نظام معطل آھي ته پوء ٽرانسپورٽ جي فيس ڇو ناهي ڪاٽُو ڪئي وئي؟ شهيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي (شهيد بينظير آباد) جي انتظاميه کي جس هجي جنهن هلندڙ سال جي فيس معاف ڪري ڇڏي آھي. هي به هڪ تعليمي ادارو آھي جيڪو هڪ ئي زمين هڪ ئي صوبي ۾ واقع آھي. هن اداري جي کنيل قدم سان ٻين تعليمي ادارن کي به مُتاثر ٿيڻ گهرجي. اسان گل ورسٽي جي وائس چانسلر مجيب الدين سهرائي کي هڪ پُرزور اپيل ٿا ڪيون ته وبا جي اهڙي ڏُکي وقت ۾ ورسٽي ۾ پڙھندڙ غريب شاگردن جي مستقبل کي مدنظر رکندي انهن جي فيس معاف ڪئي وڃي ته جيئن اُهي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ بجاء اڳتي پنهنجي پڙھائي جاري رکي سگهن ۽ ايندڙ سيمسٽر جي آنلائن ڪلاسن لاء بهتر تياري ڪري سگهن
Well written, keep it up👍
ReplyDeleteبھترين.. اوھان اڪثر ڇو نه لکندا اھيو؟
ReplyDelete