سوڀ اخبار ۾ منھنجو ڇپيل آرٽيڪل

 معاشري ۾ تعليم يافته عورت جي اهميت... ڪائنات حڪيم هاليپوٽو"  مون هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي, جنهن ۾ عورت جي آزادي ، تعليم ۽ تربيت جي سکيا ٻالڪپڻ کان ملندي آئي آهي, ڇو ته اسان ننڍي هوندي کان پنهنجي بابا سائين کي عورتن جي تعليم لاء جاکوڙ ڪندي ڏٺو آهي, آئون به ان ڳالھ سان سهمت آهيان ته تعليم يافته عورت هڪ مضبوط تهذيب جو بنياد وجهندي آهي, ۽ پڙهيل لکيل قوم کي نئون روپ ڏيندي آهي. جديد دور ۾ يورپ کان ايشيا تائين عورت جي تعليم تي بنيادي ڪم ڪيو وڃي پيو,اوائلي دور ۾ عرب مان جهالت جي خاتمي لاء پُڻ تعليمي حوالي سان عورتن کي سرگرم رکيو ويو,شروعاتي دور ۾ مختلف اسٽڊي سرڪلس گهرن ۾ ئي کوليا ويا, جنهن ۾ عورت صحابه بطور استاد مقرر هُيون,سيده حفصه, سيده عائشه ڪيئي عورتون پُڻ ڪيترن ئي شعبن تي دسترس رکنديون هُيون,حضرت محمد ص فرمايو ته ڇوڪرن کي پڙھائڻ فضيلت مگر نياڻين کي پڙھائڻ جو اجر ٻيڻو ڏنو ويندو, دنيا جون قومون ڄاڻي چڪيون آهن ته عورت جي تعليم کانسواء ڪنهن به ملڪ يا سماج جي ترقي ناممڪن آهي,عورت پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تمام وڏي سگھ رکي ٿي, جارج براڊشا ڪنهن جاء تي لکيو آھي ته, "عورت کي جيڪڏهن ڪو بهترين تحفو ڏئي سگهجي ٿو ته اها تعليم آهي عورت کي تعليم جو حق ڏيڻ معاشري جي تشڪيل ڪرڻ آهي تعليم جي ميدان ۾ جيسين عورت کي مڪمل طور حق نٿو ملي تيستائين نه عورت جو سڌارو ٿي سگهي ٿو نه ئي معاشري کي سڌاري سگهي ٿو, ڇو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته عورت جي تعليم کانسواء قوم شعور جي لائق نه ٿيندي,نه ئي شعور منتقل ٿيندو جيسين شعور هڪ کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي جدت آميز نٿو بنجي,تيسين اسانجي ثقافت تهذيب, تمدن,نئين دور ۾ نئين انداز سان ارتقا جي رندي سان رندجي نه سگهندا,۽ اسان ان ئي کوکلي دنيا مان بيزار ٿي آخر پنهنجو موت پاڻ مري وينداسين, مونکي افسوس آهي ته اڪثر ڪري اسان جو معاشرو عورت سان بري طرح سان پيش اچي ٿو, جتي تعليم يا فته عورت سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ لاء هر اها ممڪن ڪوشش ڪري ٿي جيڪا ان کي ڪرڻ گهرجي اڄ جي تعليم يا فته عورت پنهنجي ڏاهپ ، هوشياري ۽ سهپ سان هن مرداڻي سماج ۾ تعليم جي ذريعي معاشري ۾ هر فيلڊ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي, تاريخ گواه آهي ته پڙهيل لکيل عورتن سماج ۾ ٻين عورتن جي حقن لاء ھر اداري ۾ جاکوڙيو آهي, ڇو ته عورت ڄاڻي ٿي ته ھو هن سماج ۾ مظلوم ۾ مظلوم فرد آهي, تنهنجي ڪري اڄ جي باشعور عورت تعليم کي ئي پنهنجو هٿيار بنائي هن معاشري ۾ پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جهڙي ٿي آهي پڙهيل لکيل عورت سمورين مشڪلاتن کي برداشت ڪندي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي سائنس ۽ آرٽ جي سڀني شعبن ۾ پنهنجو نالو پئدا ڪيو آھي. مٿي ذڪر ڪيل سموري ڳالهين مان اسان اهو اندازو لڳايو هوندو, ۽ ان ڳالھ کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سماج جي ترقي, جو دارومدار عورت جي تعليم,۽ جدوجهد تي ئي آهي, پڙهيل لکيل عورت پنهنجي معاشري ۾ بهتر فرد  طور تي پنهنجو پاڻ مڃائيندي اچي ٿي, ۽ مڃائي رهي آهي. تعليم يافته عورت ئي مضبوط گهراڻن جو بنياد رکندڙ هوندي آهي, پنهنجي گهر ۽ اولاد جي مستقبل جي ترقي لاء سٺو ڪردار ادا ڪري ٿي, تنهن ڪري عورت جي حقن لاء سماج جي هر فرد کي سنجيدگي سان سوچي خيال رکڻو پوندو اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسان جي سماج ۾ عورت تعليم يا فته ٿيندي, اسان وٽ اندروني سنڌ ۾ هڪڙو طبقو اهڙو آهي جيڪو عورت کي فقط غلام سمجهي ۽ ان کان جبري ڪم وٺي ٿو,۽ ان جي ذهن ۾ عورت جو اسڪيچ فقط ٻار ڄڻڻ ۽ غلام ٿي ٻُھارو ڏيڻ,گهر جو ڪم ڪار ۽ ٻني ٻاري تائين محدود رکي هر روز تشدد ڪري حراسان ڪرڻ آهي,۽ هن وقت فقط ايئن به ناهي!  سنڌ جي عورت اڄ به هميشه جيان هر مرد سان هر شعبي ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آھي, پوء اهي گهريلو معاملا هجن يا معاشراتي زندگي هجي يا پورهئي واري زندگي هجي هاڻ سنڌ جي عورت خودمختيار ، غير معمولي  بھادر ۽ وفادار عورت پنهنجن حقن ۽ جياپي لاء سجاڳ ٿي چڪي آهي, تنھن ھوندي به جيڪڏهن اڄ ايڪويھين صدي ۾ عورت گھر کان ٻاھر نڪري معاشي طور تي گهر وارن جو ساٿ ڏئي ٿي ته ان کي سماج ۾ سٺي نظرن سان نٿو ڏٺو وڃي, ان کي ڪڏهن به معاشري ۾ سٺو فرد تسليم نٿو ڪيو وڃي ان جو توڙ ڪڍندي اسانکي فقط تعليم کي ئي سگھارو هٿيار بڻائي هر ايندڙ  مشڪل کي منهن ڏيڻ جي لاء تيار رھڻو پوندو اسان جي عورت جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ آهي ته هن پنهنجي ڪارڪردگي جي ڪري  پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي اڄ به تعليم يافته عورت هر شعبي ۾ اڳڀري آهي, پوء اسان کي مثبت سوچ رکي هلڻو پوندو ته اڄ جي ڌيء سڀاڻي جي ماءُ ۽ مستقبل ۾ قومن جي نمائنده ( مدر ٽريسا،  هيلن ڪيلر، انڌرا گانڌي، بينظير ڀٽو، شيخ حسينه واجده ،ادي ممتاز نظاماڻي، جيجي زرينه بلوچ ۽ ادي زاهده شيخ) ثابت ٿيندي نيپولين چيو ھو ته  "Give me an educated mother, I shall promise you the birth of a civilized, educated nation."

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

‏گُل ورسٽي ۽ سالياني فيس

ا پاڪ بلٽن اخبار ۾ منھنجو ڏنل انٽرويو

"آئون عورت آهيان"