"آئون عورت آهيان"
ها آئون عورت آهيان اها عورت جيڪا لطيف جي سورمي بڻجي ڪڏهن مارئي ٿي ملير جي مٽي ماٿي لاٿم پر سون تي سيڻ ڪون مٽايم، ڪڏهن پنهونءَ جي پٺيان جبل جهاڳيم، تہ ڪڏهن راڻي لاءِ راتيون جاڳيم، ها ليلا خالد کي ڀيڻ ڀانيو اٿم ڇو ته ليلا فلسطين لاءِ وڙهي هئي ۽ آئون سنڌ لاءِ وڙهان پئي، رڙهان پئي، رڙهندي رهنديس وڙهندي رهنديس, ها آئون عورت آهيان ڪڏهن سليمت هاليپوٽو جي روپ ۾ ته ڪڏهن حاجران ڦلڻ جي روپ ۾، ڪڏهن جندو جي روپ ۾ ته ڪڏهن حاڪم زادي ۽ زيبل جي روپ ۾، هر دور ۾ هر سماج ۾ سامراج سان سينو ساهيو اٿم، او مونکي ڪمزور سمجهندڙ منهنجي عظمت ڏسڻي اٿئي ته فاطمه برناوي جو عدالتي بيان پڙهي ڏس، ليو خولان کي پڙهي ڏس جنهن لاءِ مائوزيتنگ چيو هو ته چين کي ليو خولان جي بهادريءَ تي فخر آهي، آئون ته فلسطيني ماءُ پيءُ جي اڪيلي زرقا آهيان جنهن ڦوھ جوانيءَ ۾ وطن جو جهنڊو جهولايو ۽ چيائين "تعيلم کي ملتوي ڪري، وطن جي پڪار تي لبيڪ لبيڪ، آئون به ته لبيڪ ئي ڪيان پئي، دنيا جون اهي سڀ عورتون منهنجون ساهيڙيون ته آهن جيڪي وطن لاءِ وڙهن ٿيون، پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿيون، پنهنجي وجود لاءِ وڙهن ٿيون، آئون ته ويٽنام جي هيروئن نگوين ٿي چائو آهيان جيڪا اسڪول جي چار ديواريءَ مان نڪري جيل جي ڊگهين ديوارن تائين پهتي هئي، آئون اڳ ئي چئي چڪي آهيان ته اهي سڀ منهنجون ساهيڙيون آهن ۽ آئون سندن ننڍڙي ساهيڙي آهيا، ها آئون عورت آهيان، سچ آهيان، آزادي آهيان، انقلاب آهيان، آزادي ۽ انقلاب جو گيت آهيان، سر ۽ سنگيت آهيان, ها آئون عورت آهيان "ڪائنات هاليپوٽو"
Comments
Post a Comment