Baba

 اڄ بابا جي 10 ورسي جي حوالي سان عوامي آواز ۾ منھنجو ڇپيل مضمون   سنڌ ڌرتي جو سچو عاشق  ٽنڊي باگي کان ڏکڻ طرف ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ ھڪ غريب ھاري جي گھر ۾ بابا سائين 11 نومبر 1947 ۾ جنم ورتو بابا پنھنجي شروعاتي تعليم  ٽنڊو باگو مير غلام ٽالپر ۾ مڪمل ڪئي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء ماستري جو آرڊر مليو  بابا  جو شروع واري دور ۾ سندن لاڙو مذھب ڏانھن ھوندو ھئس اسان جي ڳوٺ ۾ خطبا پڙھڻ ۽ ھڪ عام رواجي زندگي گذاري رھيو ھو سندن اڌ زندگي انھي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذاريس  بابا جي زندگي ۾ تبديلي تڏھن آئي جڏھن پاڻ فاضل صاحب ۽ پليجو صاحب سان ملاقات ڪري عوامي تحريڪ ۾ شموليت ڪئي مونکي اڄ به اھو ڏينھن ياد آھي جڏھن چيف جسٽس جي بحالي واري تحريڪ ۾ بابا پنھنجي پارٽي جي حڪم موجب سڄي خاندان جي ننڍن توڙي وڏن سندس نياڻين سان گڏ اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ڪالا باغ ڊيم جي خلاف جدوجهد ۾ به آخري ساھ تائين پنھنجي سنڌي قوم جي لاء جدوجهد ڪندي گذاري ھن پنھنجي زندگي پنھنجي غريب مسڪين ماڻھن لاء  وقف ڪري ڇڏي جيتوڻيڪ ڪروڙين سچ به لطيف اھڙن ڪردارن جي لاء چيو آھي  "ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نيھن جي"  بابا اسان جي خاندان جي نياڻين سان گڏ پنھنجي ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم لاء اھم ڪردار ادا ڪيو بابا ھر ان قڌي رسم جي خلاف ھو جيڪا اسان کي ھڪ جھالت طرف ڌڪي رھي ھئي بابا انھن سمورن قڌين رسمن کي ٽوڙي اڳتي وڌي رھيو ھو بابا اسان سڀني نياڻين کي سياست ۾ کڻي ھلندو ھو ته جيئن ھن پٺتي تي پيل سنڌي سماج کي تبديل ڪرڻ جو  خواب يا جيڪا سوچ ھر گھڻ گھريو سنڌي ماڻھو رکي سگھي مونکي اڄ به اھو ڏينھن ياد آھي جڏھن آئون بابا سان گڏ سنڌ جي نجات لاء ٿيندڙ  46 ڏينھن ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين مون پيرين پنڌ ڪري بابا سان گڏ سنڌي ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھن جي دلين ۾ عوام جي لاء پيار محبت ھئي ھو ڌرتي جي ڏک کي پنھنجو ڏک سمجھندو ھو انسان جي زندگي ۾ ڪئين لمحا ، مھينا ، سال اھڙا ايندا آھن ته جن ۾ ڪڏھن خوشيو ته ڪڏھن ڏک ، خوشيو ۽ ڏک انسان جي زندگي جو ٻئي حصو آھن جيڪڏھن ڏک ھجن ته خوشي جي احساس جي خبر ئي نه پوندي تڏھن ته لطيف به چيو آھي  ڏک سکن جي سونھن  گھوريان ڏک سکن ري  اڄ منھنجي دل جي ڪيفيت اھڙي ٿي پئي آھي جو منھنجي ھميشه خوشين ۽ ڏکن ۾ ھمٿ افزائي ڪرڻ وارو اھو منھنجو عظيم پيء جنھن جي اڄ شديد ياد اچي رھي آھي اھو منھنجو عظيم پيء جيڪو ھميشه ھن سنڌ جي ڏکويل ڏتڙيلن جو ساٿي ھو  ڪروڙين ماڻھو ھن ڌرتي تي آيا آھن جن مان ڪجھ ماڻهو اھڙا ٿي گذريا آھن جيڪي پنھنجي ايمانداري ، سچائي بھادري وفاداري جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا بابا پنھنجي سڄي زندگي مسڪين ماروئڙن لاء وقف ڪري ڇڏي ھو حقيقي معني ۾ سچو انقلابي ھو، ھو لطيف جي  سرن جو مٽي مان ٺھيل ماڻھو ھو، ھو لطيف جي سرن جو حقيقي ڪردار ھو مون ھميشه بابا کي نه ڪنھن وڏيرن جي اڳيان جھڪندي ڏٺو ھو خود دار ماڻھو ھو جيڪو پنھنجو ڳاٽ اوچو ڪندي ھلندڙ ماڻھن مان ھو ھن ۾ اڪيلي ھلڻ ھو حوصلو به ھيو ۽ ھزارين ماڻھو ساڻ کڻي ھلندڙ به ھو ھو ھر فن مالا ماڻھو ھو  جنھن لاء لطيف چيو آھي  جت نه پکي پير تت ٽمڪي باھڙي  ٻيو ٻاريندو ڪير کاھوڙي کيرڙي  مونکي منھنجي بابا تي فخر آھي بابا سڄي سنڌ توھان جي عاشق آھي توھان انھن جي دلين ۾ زنداھ آھيو توھان پنھنجي ڌرتي سان عشق ڪيو ۽ اسان کي به پنھنجي ڌرتي ۽ قوم لاء جيئڻ مرڻ سيکاريو بابا جا ڪٽر دشمن به بابا کان متاثر ٿيڻ کان پاڻ بچائي نه سگھندا ھئا اڄ بابا آئون توھان کي توھان جي ڪيل جدوجهدن کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿي بابا تنھنجا نظريا راھ ۾ مشعل جيئن ھميشه مون ساڻ آھين سائين حڪيم پورھيت نظريي تي زندگي جي آخري گھڙين تائين ثابت قدمي سان بيھندڙ باعمل با ڪردار ۽ بي مثال انسان ھو بابا سدائين سنڌي قوم جي حقن جي لاء جدوجهد ۾ عظيم ڪردارن جي لسٽ ۾ رھيو آھي ڪائنات حڪيم ھاليپوٽو

Comments

Popular posts from this blog

‏گُل ورسٽي ۽ سالياني فيس

ا پاڪ بلٽن اخبار ۾ منھنجو ڏنل انٽرويو

"آئون عورت آهيان"