ا پاڪ بلٽن اخبار ۾ منھنجو ڏنل انٽرويو
سنڌ جي نياڻين لاء اتساھ بڻجندڙ ادي ڪائنات حڪيم ھاليپوٽو جو ھڪ ڏينهن پاڪ بليٽن سان گڏ (انٽرويو وٺندڙ: علي احمد ھالو) سوال: اوھان جو مڪمل تعارف.؟ جواب: منهنجو مڪمل تعارف ڪائنات بنت عبدالحڪيم ھاليپوٽو آهي سوال: اوھان ڪڏھن ۽ ڪٿي پيدا ٿيا؟ جواب : آئون 2 جنوري 1998ع ۾ بدين ضلعي جي شھر ٽنڊو باگو لڳ ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ جنم ورتو. سوال: اوھان پاڻ ۾ ڪيتريون ڀينرون ۽ ڀائر آھيو؟ جواب: بابا سائين جون ٻه شاديون ھيون پھرين شادي مان ٽي نياڻيون، ھڪ پٽ جو اولاد ۽ ٻي شادي مان ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻين جو اولاد مطلب ته مونکي چار ڀائر آھن ۽ اسين پنج ڀينرون آھيون سوال: اوھان پرائمري تعليم ڪٿي پرائي؟ جواب: آئون پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ٽنڊو باگو مان حاصل ڪئي سوال: اوھان جي مڪمل تعليم ڪيتري آھي ۽ اھا ڪٿان پرائي؟ جواب: مين پرائمري اسڪول ٽنڊوباگو مان 5 درجا پاس ڪيم ، ڏھون درجو گرلس ھائرسيڪنڊري اسڪول ٽنڊو باگو مان پاس ڪيم ۽ خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر مان ٻارھون درجو پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد جو منھن ڪيم، ھن مھل زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ڪراپ پروڊڪشن ۾ سيڪنڊ ايئر ڪري رھي آھيان. سوال: ڪو يادگار واقعو جنھن تي اوھان کي اڃان تائين کلڻ ايندو ھجي؟ جواب: اھڙو ڪو به واقعو ياد ناهي سوال: ھن وقت اوھان جو ڪھڙي پارٽي سان تعلق آھي؟ جواب : عوامي تحريڪ. سوال: اوھان جي سياست ڪرڻ ۾ ڪنھن جو ساٿ رھيو آھي؟ جواب :اسان وٽ عورتن کي سياست ۾ آڻڻ جو ڪريڊيٽ محترم رسول بخش پليجو صاحب کي وڃي ٿو. منھنجو سياست ڪرڻ ۾ پڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب ۽ منھنجي شھيد بابا سائين عبدالحڪيم ھاليپوٽي جو تمام اھم ڪردار رھيو آھي جيڪو اسان کي ننڍپڻ کان ئي مسڪين، ڏتڙيل‚ پٺ تي پيل ۽ پيڙھيل عوام جي آزادي لاءِ ٿيندڙ ھر جدوجھد ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ھليو آھي سوال: اوھان جي تربيت ۾ ڪنھن جو ھٿ رھيو آھي، والدين يان ڪنھن عزيز جو؟ جواب: منھنجي تربيت ۾ والدين سان گڏ منھنجي ويجھي عزيزن جو پڻ ھٿ رھيو آهي سوال: ھر ماڻھو کي ننڍپڻ ڇو خوبصورت لڳندو آھي؟ جواب : انھي لاءِ ته ماڻھون بنا ڪنھن خوف ۽ بندش جي ڪنھن بـ شيءِ جي چاھ ڪري سگھندو آھي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضد پڻ. سوال: اڄ جي تعليم مان ڪيتري حد تائين مطمئن آھيو؟ جواب: اسان وٽ تعليمي صورتحال اھا آھي تـ دنيا جو منھن مريخ کان ويندي ٻين سيارن تي تحقيقن طرف آھي، سڌريل دنيا جا شاگرد نين تحقيقن ۾ حصيدار ٿي رھيا آھن ۽ ان جي ابتڙ اسان وٽ تحقيقن جو تـ گس ئي بند پيل ملندو پر اسان جي شاگر کي ٻين جي ڪيل تحقيقن جي ڄاڻ به نٿي ڏني وڃي حالت تـ اھا آھي جو اسان وٽ پرائمري ۾ اڃا اھو ئي ٿو پڙھايو وڃي ته چنڊ تي پھتو آ انسان، بابا اھو چنڊ تي پڳو سو لھي بـ آيو ھاڻي ٻين سيارن جون کوجنائون پيو ھلن ٻارڙن کي انھن نين کوجنائن کان آگاھ ڪجي، اھا تـ ٿي پرائمري جي ڳالھ تنھن کان پوءِ ھائرسيڪنڊري جا به حال پورا آھن ڪي چند قابل استاد نظر ايندا باقي ڪاريءِ وارا ڪک ملندا. اسان وٽ جيستائين استادن جي تمام گهڻي کوٽ رھي آھي جيڪي صرف ٻارن کي طوطي وانگر رٽڻ سيکارڻ بجاءِ سماج کي ذھن ٺاھي ڏين. ھي جديد سائنس جي صدي ليکي وڃي ٿي جنھن ۾ اسان واري تقريبن شاگرد لڏي کي اڃان ارتقا ئي سمجھ ۾ نه اچي سگھي آھي جو اڃان تائين پيا ويچاري ڊارون کي گاريون ڏيندي ملندا آھن اھي گاريون به ان کي تحقيق جي آڌار تي نـ پر عقيدن آڌار تي ملنديون آھن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ھڪ نه ٻي ڏينھن ھڪ نه ٻي اداري مان شاگردن خاص ڪري نياڻين کي حراثان ڪرڻ جا ڪيس سامھون ايندا رھن ٿا، سو اھڙي صورتحال ۾ اسان واري تعليم مان ماڻھون کي ڪيتري قدر مطمئن ٿيڻ گھرجي اھا ڳالھ گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته سمجھ ۾ ڪونه ٿي اچي سوال: تعليم جي انھي ماحول کي ڪيئن سڌاري سگھجي ٿو؟ جواب: ڪنھن به ماحول جي سڌاري توڙي واڌاري جو دارومدار منھنجي نظر ۾ تقريبن ان عورت تي ھوندو آھي جيڪا ھڪ ماءُ جي صورت ۾ ھڪڙي نسل کي جنم ڏي ٿي اسان وٽ الميو اھو آھي ته اھا ماءُ اڻ پڙھيل آھي ان کي ھٿ وٺي جاھل رکيو ويو آھي جڏھن اھا ماءُ پڙھيل لکيل ٿيندي ته ايندڙ نسل يقينن سڌريل ئي ٿيندا جيڪڏھن اسان واري تعليمي ماحول جي سڌاري جي ڳالھ ڪبي ته ان لاءِ نه صرف اعليٰ ادارن کي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي بلڪي ھيٺين ڪلاسن جي استادن کي پڻ پنھنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي تڏھن ئي ڪجھ مثبت اثر ملي سگھندا، اسان کي ھر شيءِ کي پنھنجي عقيدن جي آڌار تي ثابتيون ڏيڻ بجاءِ مڪمل سائنسي سوچ جي آڌار تي شين کي سمجھڻو پوندو ۽ اپنائڻو پوندو تڏھن وڃي اسين ان دقيانوسي خيالن سوچن مان جان ڇڏائي پنھنجن ايندڙ نسلن لاءِ ڪجھ بھتر ماحول جوڙي سگھنداسين سوال: اوھان مطالعي کي ڪيترو ٽائيم ڏيندا آھيو.؟ جواب :سبجيڪٽ اسٽيڊي جي ڪري جنرل مطالعي کي گھٽ ٽائيم ڏئي سگھندي آھيان، ڪڏھن ڪڏھن ڪو ڪتاب وڻي وڃي تـ پڙھي پورو ڪرڻ تائين ذھن ۾ مانڌاڻ متل ھوندو آھي. سوال: اوھان جو پسنديدہ استاد.؟ جواب :سر مظفر قمبراڻي سوال: پسنديدہ سبجيڪٽ جواب: پسنديده سنجيڪٽ سائنس آهي (جنھن ۾ تحقيق توڙي تنقيد جا گس کليل ملن ٿا) سوال: پسنديدہ ڪلر.؟ جواب : اڇو سوال: پسنديدہ موسم جواب : بھار. سوال: پسنديدہ شاعر.؟ جواب: پسنديده شاعرن ۾ ”شاھ عبدالطيف ڀٽائي“ ۽ ”حافظ نظاماڻي“. سوال: پسنديدہ سياستدان.؟ جواب : پسنديده سياستدانن ۾ ”محمد علي جناح“ ۽ ”رسول بخش پليجو“ آهن سوال: پسنديدہ فنڪار.؟ جواب : ”عابدہ پروين“ سوال: پسنديدہ ڪتاب؟ جواب : پسنديده ڪتاب ”نوجوانن جو گيت“ ۽ ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“. سوال: پسنديدہ کاڌو.؟ جواب : دال چانور سوال: پسنديدہ شھر.؟ جواب: حيدرآباد سوال: پسنديدہ گل.؟ جواب: موتيو سوال: پاڪ بليٽن اخبار پڙھندڙن لاءِ پيغام.؟ جواب : پنھنجي نسلن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ وڌ کان وڌ پنھنجي نياڻين جي تعليم لاءِ راھ ھموار ڪريو ڇو تـ اھا ماءُ ئي آھي جيڪا اوھان جي اولاد کي چويھ ڪلاڪ ٽيوشن ڏئي سگھي ٿي سندن مڪمل ترجماني ڪري سگھي ٿي.
mind blowing good kainat aapka blog pareh kar bohat khushi hoee iam from sukkur now in karachi malir cant from Pak Army L/N Mohammad Siddique Kandhro iam computer operator in Pak Army And nice to meet you thank you
ReplyDelete