Posts

‏گُل ورسٽي ۽ سالياني فيس

   سنڌ زرعي يونيورسٽي جنهن کي پيار منجهان گل ورسٽي به ڪوٺين. گل ورسٽي جيڪا زراعت جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آھي. هي ورسٽي نه صرف هڪ گورنمينٽ جو ادارو آھي پر سندس احاطي ۾ ريسرچ سينٽرز, سوين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينون, چوپائي مال جا وڏا واڙا, ۽ زرعي سان وابسطا زرعي جيت مار دوائن جون ڪمپنيون به ساڻ هٿ ۾ هٿ ڏي هلن ٿيون جنهن سان ڪيترو ئي پئسو ڪمائي يونيورسٽي پنهنجو خرچ پاڻ ڀري سگهي ٿي. پر افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته گل ورسٽي جي انتظاميه وبا جي اهڙي ڏُکي وقت ۾ شاگردن جي فيس معاف نه ڪري سگهي. تازو ئي يونيورسٽي طرفان هڪ سرڪيولر جاري ٿيو جنهن ۾ شاگردن کي وقت تي فيس پيارڻ جي هدايت ڏنل هئي. فيس جي حوالي سان ڪيترا ئي سوال پيدا ٿين ٿا. پهرين ڳالھ ته ورسٽي کي فيس وٺڻ ئي نه کپي ها. مڃون ٿا ته ادارو خساري ۾ آھي پر انهن خالن کي پُر ڪرڻ جون ٻيون انيڪ ۽ بهتر تجويزون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. هن وبا ۾ غريب طبقي سان واسطو رکندڙ شاگرد ڪٿان پئسا آڻيندا جو ايتريون ڳريون فيسون پيارين؟ توهان کي ٻُڌائيندي هلان ته زرعي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي اڪثريت مڊل ڪلاس فيملي سان واسطو رکي ٿي. منهنجي هڪ همڪلاسي آھي (جنهن جو نالو ...

ا پاڪ بلٽن اخبار ۾ منھنجو ڏنل انٽرويو

 سنڌ جي نياڻين لاء اتساھ بڻجندڙ ادي ڪائنات حڪيم ھاليپوٽو جو ھڪ ڏينهن پاڪ بليٽن سان گڏ  (انٽرويو وٺندڙ: علي احمد ھالو)  سوال: اوھان جو مڪمل تعارف.؟  جواب: منهنجو مڪمل تعارف ڪائنات بنت عبدالحڪيم ھاليپوٽو آهي  سوال: اوھان ڪڏھن ۽ ڪٿي پيدا ٿيا؟  جواب : آئون 2 جنوري 1998ع ۾  بدين ضلعي جي شھر ٽنڊو باگو لڳ ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ جنم ورتو.  سوال: اوھان پاڻ ۾ ڪيتريون ڀينرون ۽ ڀائر آھيو؟  جواب: بابا سائين جون ٻه شاديون ھيون پھرين شادي مان ٽي نياڻيون، ھڪ پٽ جو اولاد ۽ ٻي شادي مان ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻين جو اولاد مطلب ته مونکي چار  ڀائر آھن ۽ اسين پنج ڀينرون آھيون  سوال: اوھان پرائمري تعليم ڪٿي پرائي؟  جواب: آئون پرائمري تعليم  گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ٽنڊو باگو مان حاصل ڪئي  سوال:  اوھان جي مڪمل تعليم ڪيتري آھي ۽ اھا ڪٿان پرائي؟  جواب: مين پرائمري اسڪول ٽنڊوباگو مان 5 درجا پاس ڪيم ، ڏھون درجو  گرلس ھائرسيڪنڊري اسڪول ٽنڊو باگو مان پاس ڪيم ۽ خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر مان ٻارھون درجو پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد ج...

Baba

 اڄ بابا جي 10 ورسي جي حوالي سان عوامي آواز ۾ منھنجو ڇپيل مضمون   سنڌ ڌرتي جو سچو عاشق  ٽنڊي باگي کان ڏکڻ طرف ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ ھڪ غريب ھاري جي گھر ۾ بابا سائين 11 نومبر 1947 ۾ جنم ورتو بابا پنھنجي شروعاتي تعليم  ٽنڊو باگو مير غلام ٽالپر ۾ مڪمل ڪئي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء ماستري جو آرڊر مليو  بابا  جو شروع واري دور ۾ سندن لاڙو مذھب ڏانھن ھوندو ھئس اسان جي ڳوٺ ۾ خطبا پڙھڻ ۽ ھڪ عام رواجي زندگي گذاري رھيو ھو سندن اڌ زندگي انھي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذاريس  بابا جي زندگي ۾ تبديلي تڏھن آئي جڏھن پاڻ فاضل صاحب ۽ پليجو صاحب سان ملاقات ڪري عوامي تحريڪ ۾ شموليت ڪئي مونکي اڄ به اھو ڏينھن ياد آھي جڏھن چيف جسٽس جي بحالي واري تحريڪ ۾ بابا پنھنجي پارٽي جي حڪم موجب سڄي خاندان جي ننڍن توڙي وڏن سندس نياڻين سان گڏ اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ڪالا باغ ڊيم جي خلاف جدوجهد ۾ به آخري ساھ تائين پنھنجي سنڌي قوم جي لاء جدوجهد ڪندي گذاري ھن پنھنجي زندگي پنھنجي غريب مسڪين ماڻھن لاء  وقف ڪري ڇڏي جيتوڻيڪ ڪروڙين سچ به لطيف اھڙن ڪردارن جي لاء چيو آھي  "ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نيھن جي"...

"آئون عورت آهيان"

 ها آئون عورت آهيان اها عورت جيڪا لطيف جي سورمي بڻجي ڪڏهن مارئي ٿي ملير جي مٽي ماٿي لاٿم پر سون تي سيڻ ڪون مٽايم، ڪڏهن پنهونءَ جي پٺيان جبل جهاڳيم،  تہ ڪڏهن راڻي لاءِ راتيون جاڳيم، ها ليلا خالد کي ڀيڻ ڀانيو اٿم ڇو ته ليلا فلسطين لاءِ وڙهي هئي ۽ آئون سنڌ لاءِ وڙهان پئي، رڙهان پئي، رڙهندي رهنديس وڙهندي رهنديس, ها آئون عورت آهيان ڪڏهن سليمت هاليپوٽو جي روپ ۾ ته ڪڏهن حاجران ڦلڻ جي روپ ۾، ڪڏهن جندو جي روپ ۾ ته ڪڏهن حاڪم زادي ۽ زيبل جي روپ ۾، هر دور ۾ هر سماج ۾ سامراج سان سينو ساهيو اٿم،  او مونکي ڪمزور سمجهندڙ منهنجي عظمت ڏسڻي اٿئي ته فاطمه برناوي جو عدالتي بيان پڙهي ڏس، ليو خولان کي پڙهي ڏس جنهن لاءِ مائوزيتنگ چيو هو ته چين کي ليو خولان جي بهادريءَ تي فخر آهي،  آئون ته فلسطيني ماءُ پيءُ جي اڪيلي زرقا آهيان جنهن ڦوھ جوانيءَ ۾ وطن جو جهنڊو جهولايو ۽ چيائين "تعيلم کي ملتوي ڪري، وطن جي پڪار تي لبيڪ لبيڪ، آئون به ته لبيڪ ئي ڪيان پئي، دنيا جون اهي سڀ عورتون منهنجون ساهيڙيون ته آهن جيڪي وطن لاءِ وڙهن ٿيون، پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿيون، پنهنجي وجود لاءِ وڙهن ٿيون،  آئون ته ويٽ...

سوڀ اخبار ۾ منھنجو ڇپيل آرٽيڪل

 معاشري ۾ تعليم يافته عورت جي اهميت... ڪائنات حڪيم هاليپوٽو"  مون هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي, جنهن ۾ عورت جي آزادي ، تعليم ۽ تربيت جي سکيا ٻالڪپڻ کان ملندي آئي آهي, ڇو ته اسان ننڍي هوندي کان پنهنجي بابا سائين کي عورتن جي تعليم لاء جاکوڙ ڪندي ڏٺو آهي, آئون به ان ڳالھ سان سهمت آهيان ته تعليم يافته عورت هڪ مضبوط تهذيب جو بنياد وجهندي آهي, ۽ پڙهيل لکيل قوم کي نئون روپ ڏيندي آهي. جديد دور ۾ يورپ کان ايشيا تائين عورت جي تعليم تي بنيادي ڪم ڪيو وڃي پيو,اوائلي دور ۾ عرب مان جهالت جي خاتمي لاء پُڻ تعليمي حوالي سان عورتن کي سرگرم رکيو ويو,شروعاتي دور ۾ مختلف اسٽڊي سرڪلس گهرن ۾ ئي کوليا ويا, جنهن ۾ عورت صحابه بطور استاد مقرر هُيون,سيده حفصه, سيده عائشه ڪيئي عورتون پُڻ ڪيترن ئي شعبن تي دسترس رکنديون هُيون,حضرت محمد ص فرمايو ته ڇوڪرن کي پڙھائڻ فضيلت مگر نياڻين کي پڙھائڻ جو اجر ٻيڻو ڏنو ويندو, دنيا جون قومون ڄاڻي چڪيون آهن ته عورت جي تعليم کانسواء ڪنهن به ملڪ يا سماج جي ترقي ناممڪن آهي,عورت پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تمام وڏي سگھ رکي ٿي, جارج براڊشا ڪنهن جاء تي لکيو آھي ته, "عورت کي جيڪڏهن ڪو بهترين تحفو ڏ...