گُل ورسٽي ۽ سالياني فيس
سنڌ زرعي يونيورسٽي جنهن کي پيار منجهان گل ورسٽي به ڪوٺين. گل ورسٽي جيڪا زراعت جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آھي. هي ورسٽي نه صرف هڪ گورنمينٽ جو ادارو آھي پر سندس احاطي ۾ ريسرچ سينٽرز, سوين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينون, چوپائي مال جا وڏا واڙا, ۽ زرعي سان وابسطا زرعي جيت مار دوائن جون ڪمپنيون به ساڻ هٿ ۾ هٿ ڏي هلن ٿيون جنهن سان ڪيترو ئي پئسو ڪمائي يونيورسٽي پنهنجو خرچ پاڻ ڀري سگهي ٿي. پر افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته گل ورسٽي جي انتظاميه وبا جي اهڙي ڏُکي وقت ۾ شاگردن جي فيس معاف نه ڪري سگهي. تازو ئي يونيورسٽي طرفان هڪ سرڪيولر جاري ٿيو جنهن ۾ شاگردن کي وقت تي فيس پيارڻ جي هدايت ڏنل هئي. فيس جي حوالي سان ڪيترا ئي سوال پيدا ٿين ٿا. پهرين ڳالھ ته ورسٽي کي فيس وٺڻ ئي نه کپي ها. مڃون ٿا ته ادارو خساري ۾ آھي پر انهن خالن کي پُر ڪرڻ جون ٻيون انيڪ ۽ بهتر تجويزون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. هن وبا ۾ غريب طبقي سان واسطو رکندڙ شاگرد ڪٿان پئسا آڻيندا جو ايتريون ڳريون فيسون پيارين؟ توهان کي ٻُڌائيندي هلان ته زرعي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي اڪثريت مڊل ڪلاس فيملي سان واسطو رکي ٿي. منهنجي هڪ همڪلاسي آھي (جنهن جو نالو ...